.::Haji Ahmed Mallah Poetry




Advertise Here!



حاجي احمد ملاح
a

 AnythingSlider
    • خواب آهي يا خيال

    ،دم ڪو آهيون يا نه آهيون، خواب آهي يا خيال
    .هي بزرگيون، بادشاهيون، خواب آهي يا خيال

    ،خاڪ ٿيندا خاڪ ۾ خاقان توڻي خان سڀ
    .هي خوشيون، هي خانگاهون، خواب آهي يا خيال

    ،هيڪلو آئين هتي، ويندين هُتي پڻ هيڪلو
    .هڪ ٻئي سان هم صلاميون خواب آهي يا خيال

    ،هي حڪم هي حڪمتون، هي خوف توڻي حرفتون
    .شغل شاديون، شوق شاهيون، خواب آهي يا خيال

    ،هي نشا، هي نازبو، هي نازڪيون ۽ ناز راز
    .هي ڪجل ۽ ڪج ڪلاهيون خواب آهي يا خيال

    ،هي جواني يار جاني، هي جميعت هي جمال
    .هي بدن تي برهه باهيون، خواب آهي يا خيال

    ،آهي "احمـــــــــــدـ" چئي امن جو آسرو الله وٽ
    .ٻيا پناهرا ۽ پناهيون، خواب آهي يا خيال
    • مٿا ميدان ۾ ڏيندي

    ،مٿا ميدان ۾ ڏيندي، ڏٺم سڪندين کي سئو ڀيرا
    .ڪري قُربان قدمن تان، ڏيهاڻي ٿين ڏهه ڀيرا

    ،مڙيا سي محبتي مچ تي، لڳي موٽڻ جنين مهڻو
    .ٿيا يڪ يار سان يڪدم، جلائي جان، جيءَ، جيرا

    ،اڳيئي آڳ کان اوري، پچي پروان ٿيا پُختا
    .تهانپوءِ تن کي تعميلون، ڪرڻ پيا ڄر، ڄڀيون، ڄيرا

    ،لڳين ميثاق کان مستي، ڪڍيائون هر طرح هستي
    .اُڏامي تن عجيبن وٽ، ڪيا ارواح آکيرا

    ،وسارڻ لاءِ وس لايم، ته هُو وِسرن نه ڪنهن ويلي
    .اچي دلگير جي دل ۾، ويٺو دلبر اڏي ديرا

    ،مئا پوءِ منهن جي مڙهه کي، جي لڳن هٿڙا حبيبن جا
    .ته لاشڪ ساهه لاشي ۾، پوي ٻيهر، جِين ٻيرا

    ،ڪُسڻ جو قُرب وارن جي، نتيجو ناز مان نڪتو
    .ٿيا گهايل مٿي گهاٽا، وري گهُورن سندا گهيرا

    ،ڀري ڀالا اچي بيٺو، سڄڻ سيني کي سانبارا
    .لڳم دل ۾ دو ناليون ڪئين، ڇِنين ڇاتي لنگهيا ڇيرا

    ،کڻي سگهندو نه "احــــــــــــــمد" آس، اهنجي آستاني تان
    .مُحب! ميڙين، ڪر مارين مون، مڃيم حاڪم! حُڪم تيرا
    • مِٺن مارئن تي وٺڙا مينهن

    ، مِٺن مارئن تي وٺڙا مينهن، ٿر تي ڏينهن ڪي ٿڌڙا
    .وطن ۾ وس، ولين ۾ واس، بيوس تي ورهه وڌڙا

    ،کٿوريءَ واس کيرين ۾، کٿيريون کير سان کائن
    .ٻڪر ٻيرين مان چاري ٻُور، ٻاٻاڻن وري ٻَڌڙا

    ،عمر! سر وَندي آهيان، ته اوڏهين اوڏيهر ويندس
    .چَٻيندس ڏيهه جا ڏونرا، ڇڏيندس ڌُوڙ تي دَڌڙا

    ،سڱينڻن ساڻ سڱَ مهنجو، سڱر سِڪيل سِڪان، ساريان
    .رُوان آئون رت رتولن ۾، هتي پِس رات پڻ رڌڙا

    ،کڻي گاگهر ڇڏينم، ته گڏيس ڪوهه گنگهر ۾
    .نه ٿئي ساڻيهه ۾ سُڻ سُڻ، ته ڇو ڪي سڌڙيا سَڌڙا

    ،وهن رڳ رڳ منجهان ريشا، نه ريجهي رُوح ريشم سان
    .نماڻي نام ۽ ناموس، لوئي لال ۾ لڌڙا

    ،مبارڪ آهي مارئي کي، نه ماڙين تي مٽَئين مارو
    .ٻَڌا "احـــــــــــــــــــــمد" احد سان تو، مڪج انجام، سي اَڌڙا
    • نه ڄاتم مُون وٽان ويندين

    ،نه ڄاتم مُون وٽان ويندين، ته لالن لئوُن نه لايان ها
    .مِٺن جي موڪلائڻ کان، ته مهندئين موڪلايان ها

    ،هلي وس جي سندم هڪ وار، وارڻ يا وهارڻ ۾
    .ته ڪوهن تان ڪنواٽن کي، جبل جهاڳي جهلايان ها

    ،مِٺا محبُوب! توکان پوءِ مرڻ جِي، جَي هجي موڪل
    .ته راڻن لاءِ راڻين جئين، جسم جئيري جلايان ها

    ،وڇون وانگر وڇوڙي ڪو، وهاريم صول سيني ۾
    .ولڻ سان سو وري نِڪري، ته وَر وَر ڏئي ولايان ها

    ،سڄڻ تهنجون سِڪون مونکي، لهن جي لوڪ کي ڏسندي
    .ته اکين آسرو البت، پسي پريون پلايان ها

    ،ڪبوتر، ڪانگ يا قمري، ڪر ٻيو قاصد وڃي ڪوئي
    .ته هيري جيئن هنجون هاري، حقيقت هت هلايان ها

    ،نبيرو نعمت الله سان نفيس نينهن جو ناتو
    .اچي ها ڪو اُتان "احمـــــــــــــــــــــد" ته البت ڪجهه الايان ها
    • حادثا تهنجي حُسن جا

    ،حادثا تهنجي حُسن جا، هاڻ هِن حد کي رسيا
    .جيئن رُپي ڍڪ، رُوپ وارا، رُو پَسي رد کي رسيا

    ،هئي صنوبر، سروَ ۾، دعوا سِڌائي ڪي سدا
    .ڪين ڪنهن پر، منجهه بيهڪ، ڪامل سندي قد کي رسيا

    ،عشق ڌاران آدمي، آدم، نه آدم جو ويا
    .ان نصيحت جا نتيجا، نيڪ ۽ بد کي رسيا

    ،دوست آيو در ڪنان، ڪياسون ڌڪائي دور ٻئا
    .سي وڃن خبرون ڪندا، خوني خوشامند کي رسيا

    ،خواهه يوسف، خواهه زليخا، خواهه حُسن وند ٻئا هزار
    .مِڙ نه ماڻي هيڪ ۾، مُرسل محمد کي رسيا

    ،دل دلاسن سان قوي ٿي، درد دُوريءَ جو لٿو
    .اڄ عرب جي پار کان، اُهڃاڻ "احمـــــــــــــد" کي رسيا
    • اڄ لٿم ارمان سڀ

    ،آءُ، جيينِ! الحمدلله، اڄ لٿم ارمان سڀ
    .جِت گُهرين، ويهه يار جاني! جاءِ تولئي جان سڀ

    ،تو مٿان سِر گهوريا، گهر گهوريان، گُل گهوريان
    .تو مٿان گهورڻ مٿي ۾، آهي مون لئي مان سڀ

    ،ناههِ مون وٽ تهنجو مٽَ ڪو، ملڪ ساري ۾ مدام
    .سج، قمر، تارا، ڪتيون، تو تان ڪريان قُربان سڀ

    ،تون نظر ۾ نازنين، تون نازڪن ۾ بي نظير
    .حُسن تهنجي کان هجن، حُورون، پريون حيران سڀ

    !گُل، هرڻ، هيرا نه تو جهڙا، ڪٿي هوندا حبيب
    .بر گهمان، توڻي بحر، يا باغ ۽ بستان سڀ

    ،ملڪ جو مهندار تُون، تو وٽ مَلڪ ڪن منزلون
    .ٿا رکن خدمت جي خواهش، خان ۽ خاقان سڀ

    ،شعر "احمـــــــــــــد" جو اچي، آخر پُنون ان ڳالهه تي
    .مست اُهنجي عشق ۾، عالمَ، پريون، انسان سڀ
    • هو پچن ٿا تون به پچ

    ،جي پتنگ چائين ته پڙ ۾، هو پچن ٿا تون به پچ
    .موج سان مچ تي اچن، مچ تو مچن ٿا، تون به مچ

    ،محفلِ ميخان ۾ موڪون مزا، موڪل مدام
    .ناز، نخري ساڻ ناچُو، نت نچن ٿا، تون به نچ

    ،خلق خوشبوءِ خاڪ در سان، منهن ڏسڻ سان ملڪ لال
    .گُل رچن، سنبل رچن، بلبل رچن ٿا، تون به رچ

    ،نوڪ نيڻن ناز سان، نازڪ هڻن نيزي مثال
    .ڀڄ مَ ڀالي کان، ڀلا جي ٻيا بچن ٿا، تون به بچ

    ،عشق آهي بي ادب، پر بي ادب جا هنڌ ٻيا
    .بي ادب "احمــــــــــــــــد!" ادب سان، هٿ اچن ٿا، تون به اچ
    • باغ دنيا بي بقا

    ،باغ دنيا بي بقا، بر ۾ اچي بلبل وڃن
    . سي، ڪر ڪوسِيءَ لُوه کان، گوماٽجي سڀ گل وڃن

    ،وار سنبل جيئن سندئي، منهڙو مبارڪ گل گلاب
    .گل اچن گوماٽ ۾ سر تان لهي سنبل وڃن

    ،محل ماڙيون ۽ منارا، موت کي مشڪل جھلين
    .ڪوٽ چٽ، هڪ چوٽ سان، گھر گھوٽ گذري ڪُل وڃن

    ،درد پٺيان درد، ڪيسين، دور دارون سان ٿين
    .موت جي منهن ۾ اچي، ڪنهن مهل موتي ڦُل وڃن

    ،بادشاه باقي خدا هڪ، بي بقا ٻئا بادشاهه
    .مورچن وارا مُني تي، سڀ ٺلها ٿي ٺُل وڃن

    ،سٺ، سر کان پوءِ صاحب، ساهه کان ورچي پون
    .ڀار، ڀاتي، ڀائيٽا، بيزار ٿي بلڪل وڃن

    ،هي سينيما ۾ سنهان، جوڙا سجوڙا صبح، شام
    .هڪ هڪل سان، ڏينهن هڪ، هڪدم بيهي سڀ هُل وڃن

    ،حمد "احمد"! ڪر احد جو، عهد جنهن سان اُهد کان
    .هي مٽيءَ تائين مِٽئِي، بازو به ٿي بُل بل وڃن
    • وطن شال وران

    ،وطن شال وران، پانور پت پران
    .ماڙين منجھه ميان! مُنجھيو مُنجھيو مران

    ،پرهه پچارون لايون پانور پار پکين
    ،عمر اباڻن ڏي، اڄ پڻ آر اکين
    ،ڀيڙي ٿر ٿيان ڏکن منجھه ڏران

    ،مارئي ماڙين ۾ مارئن تي ڪي مينهڙا
    ،ڏٺي تن ڏوٿين کا ڏاڍا ٿيم ڏينهڙا
    .هت ٿي جاڙ جيان ساريو سور چران

    ،آب اڪير اندر اکين، ارتو اوتيا
    ،موت برابر موتي، نه گھرجن موتيا
    .پلر پاڪ پيان، ڳاڱين لاءِ ڳران

    ،هيڻون ڇُٽيون هاڻي هاڻن پُنڙي حد
    ،هر دم ڪر حضور ۾ "احمد"! حمد احد
    .صدقو ساه ڏيان، ڏسيو ڏيهه ٺران
    • باقي هوس

    ،عشق جو اهڃاڻ آهي، آهه بس، باقي هوس
    .بي دلن جي بت تي ڀڙڪي، باهه بس، باقي هوس

    ،هيٺ ڪاتي ڪنڌ رکي، قربئون ڪُسي قربان ٿين
    .ڏين صدقو صدق مان، سر ساهه بس، باقي هوس

    ،ڏينهن گذارڻ گوندرن ۾، رت رُوئن راتيون سڄيون
    .هُونِ هولن ۾ هنيل، هر گاهه بس، باقي هوس

    ،ڪنِ ڪشالو ڪيچ ڏي، ڪِن ڪعبت الله ڏانهن قصد
    .قُرب وارن جي قلب ڏي، ڪاهه بس، باقي هوس

    ،پاڻ خاليءَ ڪر خُوديءَ کان، تان ته ملنئي خود خدا
    .سمجهه راسخ، اي ربابي، راهه بس، باقي هوس

    ،ڇو هونئين هلڪا ٿيو، حاڪم سڏائين هي پيا
    .ملڪ جو مالڪ خدا هڪ، آه بس، باقي هوس

    ،عشق مان "احمـــــــــــــــــد" ڪيو اڄ، شعر وحدت جو شروع
    .قول آخر، اِي هُوس "الله بس"، باقي هوس