.::Rashid Morai Sindhi Poetry




Advertise Here!



راشد مورائي
a

 AnythingSlider
    • دل جي ويران رِڻ تي

    !دل جي ويران رِڻ تي ڪڪر بانورا
    !--ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇا ٿي ٿيئه
    ،سانورا! تون گھڙي کن سڙيءَ دل مٿان
    !--ڇانورو ٿي رهين ها ته ڇا ٿي ٿيئه

    ،هو ارادو پڪو مون ڪيو مرڻ جو
    ،شوق جاڳي پيو آ وري جيئڻ جو
    ،مون ٻُڌو آ ته اڄ هو پُڇڻ ٿو اچي
    !--موت! ٽارو ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئه

    ،ڪيترا حسرتن جا ڦُٽن گونچ ها
    ،کوڙ آسن جون مکڙيون ٽِڙي ٿي سگھيون
    ،منهجي دل جي گلستان ويران جو
    !--باغبان ٿي رهين ها ته ڇا ٿي ٿيئه

    ،منهنجي وِندر جو باعث ٿي بڻجي سگھي
    ،ڪائي تصور تازي هجين ها کڻي
    ،فون تي جي ٻه ڳالهيون نٿو پيو ڪرين
    !--ڪوئي خطڙو لکين ها ته ڇا ٿي ٿيئه

    ،تون کلين ٿو ته ڄڻ گل ٽِڙي ٿا پون
    ،ماٺ تنهنجي خزان، گل ڇڻي ٿا پون
    ،تو جي "راشــــــــــــــــــد" کي روئندي ڏٺو هو پرين
    !--ٿورو مُرڪي پوين ها ته ڇا ٿي ٿيئه
    • مون کي ياد ڪندو ڪر


    • ،مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آٺاهي
      !ان واٽ تا گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

      ،جوکي ۾ وڌم جيءَ، ڪيم جنگ امن لاءِ
      !انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

      ،هر گھاءُ مٿان گھاءُ سهي اُف نه ڪئي مون
      !جي ويڙهه ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

      ،هر جاءِ جدوجهد هر جاکوڙ ۾ شامل
      !ڪم ڪار کان ورچين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

      ،راهي! تو ڏٺو آهه مون ساهي نه کنئي آ
      !جي راهه ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

      ،اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کان
      !ڀلجي نه جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

      !"جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آهه مون "راشــــــــــــــــــد
      !سو سبق جي سمجهين ته مون کي ياد ڪندو ڪر
    • اونده ۾ انسان لڳن ٿا

    ،اڻٽيهن اڌ رات جو اوندهه، ويڙها سڀ ويران لڳن ٿا
    .جهڙا ڪي ڀوتن جا پاڇا، اونده ۾ انسان لڳن ٿا

    ،پابنديءَ جي پاڻيءَ تي ئي پيار سِلو وڌندو رهندو آ
    .پرت تي پهرا بيهارن ٿا، ڪيڏا هي نادان لڳن ٿا

    ،ڪي ڪي ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي ذهني طور لڳن ٿا پوڙها
    .ڪيئي جُهور جهان ۾ آهن، جن جا جذبا جوان لڳن ٿا

    ،هيڏا سارا ڍير مٽيءَ جا، تن ۾ ڪا تاريخ دفن آ
    .ڪئين آثار ڏٺا اهڙا، مياڻيءَ جا ميدان لڳن ٿا

    ،ڪارا، ڏٻرا، ڪنگيءَ کاڌل، ڍنڍ تي ٻار مهاڻن وارا
    ،شاعر! سچ پچ سڀئي تهنجي شعرن جا عنوان لڳن ٿا

    ،آسرو ۽ اوسيئڙي جا اڌما، مستقبل جا خيال ۽ خدشا
    .راشـــــــــــــد"! تنهنجا شعر سمورا، ڪنوارين جا ارمان لڳن ٿا"
    • چنڊ جي روشني واريءَ مٿان

    ،آ چُني چمڪندڙ ٿر جي ناريءَ مٿان
    .چنڊ جي روشني ڄڻ ته واريءَ مٿان

    !عشق تنهنجو الاڙي الڙ ڇوڪرا
    .ڪيئي بهتان آيا ڪنواريءَ مٿان

    ،مون نه ڄاتو ته منهنجو پرين ٿو اچي
    .ٻُٽ اجرڪ جي هئي جو سُنهاريءَ مٿان

    ،ڪونڀٽن جي پريان ٻيريون ڄانڱريون
    .ٻير ڳاڙها ته ڏس! چهچ ٽاريءَ مٿان

    !"عشق ٿر جي ڀٽن سان ڪئيه "راشـــــــــــــد
    .لاهه ڏک سور ڌرتيءَ ڏکاريءَ مٿان
    • تنهنجي محفل مان

    ،تنهنجي محفل مان اُٿي هاڻ هليا وينداسين
    .ڀئونر آهيون وٺي سُرهاڻ هليا وينداسين

    ،چشمِ تر آيا هئاسون ۽ چمن مان هاڻي
    .کڻي اکڙين سندي آلاڻ هليا وينداسين

    چنڊ ڪڪرن ۾ لڪائي، ڇو ڇڏئي چانڊوڪي؟
    .ڇا تنهنجي چورائي چانڊاڻ هليا وينداسين

    ،آسرو آهه رُڳو رات کُٽي، پرهه ڦُٽي
    .باک جي ڏسندي ئي ڳاڙهاڻ هليا وينداسين

    ،اسان محبت جا پُڄاري، تو کي نيبهه هي هجن
    .تنهنجو ترڪش ۽ تنهنجي مياڻ هليا وينداسين

    ،مٺن ماڻهن کان مٺائي نصيب ٿيندي آ
    .ڪا به محسوس ٿي ڪوڙاڻ هليا وينداسين

    ،عزتِ نفس سلامت رهي ته رهنداسين
    .ڪا نه ڪڍنداسين ڪنهن جي ڪاڻ هليا وينداسين

    !"پاڻ وڻجارا گھڙي پلڪ مسافر "راشـــــــــــــــــد
    .رُڳو ڀرجي وهي مهراڻ، هليا وينداسين
    • گھڙي کن اک جهپڪي

    ،آڌي رات لُڙي وئي آهي، ڪين اڃان ٿي ننڊ اچي
    ڪاش! اچي ڪا پلڪ سکن جي،ڪاش گھڙي کن اک جهپڪي

    ،جيئن هرڻ ڪو رُڃ ۾ ڀٽڪي، جيئن پکيءَ کي تير لڳي
    ،جيئن ڪا ڪُونج ولر کان وڇڙي، جيئن ڪا بُلبل بند ڪجي
    .مان بيتاب ائين جيئن ڪائي پاڻيءَ ري ڪُرڙي ڦٽڪي!

    ،ساهه لڳو پيو آهي ساجن! اوسيئڙي ۾ هيٺ مٿي
    ،سج لهڻ سان روڄ شروع ٿيو، ڪين ختم ٿيو چنڊ لٿي
    .آءُ! هلي اڄ، ڇو ته سڀاڻي، ڪير مري ۽ ڪير بچي

    ،ڀُونءِ ڀلاري ڀاڳين واري، تنهن تي ڇا لئه ڀينگ وسي
    ،ڪو ته هجي جو ڏات ڏکيءَ کي، جيئڻ ڪارڻ ڏانءُ ڏسي
    !راشــــــــــــــــــد" جون ڪر راس اميدون، راضي ٿيءُ ته رنگ رچي"
    • اي چنڊ! توکي ڇا چوان

    !ڪين ٿو ڄاڻين اسان جي درد دل کي اي ميان
    ،اڀ تنهنجو آستانو، ڌوڙ ڌرتيءَ جي اسان
    ،تون به ٿو ڏورئون ڏسين ۽ مان به ٿو ڏورئون ڏسان
    ،جي هجين ويجهو ته پو ڏاڍا ڪي ڏوراپا ڏيان
    !اي چنڊ! توکي ڇا چوان - اي چنڊ! توکي ڇا چوان

    ،روشنيءَ جو شهر تون، اونداه جو هان بحر مان
    ،منهنجا ويري کوڙ آهن، تنهجا تارا رازدان
    ،زندگيءَ جو زهر مان، سقراط بنجي ٿو پيان
    ،ڪو نه ڪجهه تو کان پُڇي ڪو، مون تي هر هر امتحان
    !اي چنڊ! توکي ڇا چوان - اي چنڊ! توکي ڇا چوان

    ،تون سدا خوش ٿو رهين، خوش ٿي کلين منهنجي مٿان
    ،ٿو سڙان دل ۾ پچان، پر ڪونه ٿو ڪنهن سان ڪُڇان
    ،جي نه چِڙ توکي لڳي، مان سوال هڪ تو کان پُڇان
    ،ڪڏهن ڪو ڳوڙهو ڳڙيئي، ٿيو ظلم مظلومن مٿان
    !اي چنڊ! توکي ڇا چوان - اي چنڊ! توکي ڇا چوان

    ،آءٌ صدين کان پيو ٿو بي رُخي تنهنجي ڏسان
    ،مان سهان ٿو ڏاڍ ڏاڍن جا ته تون چُپ بي زبان
    ،ڪين ٿو توکي ٻڌايان، دردِ دل جو داستان
    ،حالِ دل اوريان نٿو جو بزدلي سمجهين متان
    !اي چنڊ! توکي ڇا چوان - اي چنڊ! توکي ڇا چوان

    ،ٿي سگھي ٿو منزل مقصود کان اڳئي مران
    ،دل چوي ٿي توکي پنهنجي پيار جو شاهد ڪيان
    ،حال "راشــــــــــــــــــــد" جو وڃي محبوب کي چئو مهربان
    ،ڄِڀَ مون پهنجي ڪٽائي، ٻيا ٿين اهلِ زبان
    !اي چنڊ! توکي ڇا چوان - اي چنڊ! توکي ڇا چوان
    • تون جڏهن ويجهو اچي

    ،جيڪڏهن تون ايترو
    ،روز، قُرب جو ذرو
    !ڏيندي رهين
    ،زندگيءَ جي ويڙهه ۾
    .هارجڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿئي
    ،تون جڏهن ويجهو اچي
    ،پيار سان منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي
    ،حال دل جو ٿي پُڇين
    ،ڄڻ ته منهنجا بند ٿا آجا ٿين
    ،ڄڻ ته مان ٿو قيد کان ٻاهر اچان
    ،پيار تنهنجو ٿو ٻڌائي منهجي دل
    .قرب تنهجو ٿو وڌائي منهجو من
    ،ڪاش! مان توکي سدا ريڌل ڏسان
    !اڄ جيان
    • رات جا لُڙڪ

    ،رات جا لُڙڪ
    .گل جي ڳلن تي پيا
    ،سج ڪرڻن جي رُومال سان
    .سي اگھيا
    ،گل مرڪي پيو
    :مُرڪندي هيئن چيو
    ،رات رُئندي رهي
    .ماڪ پوندي رهي
    ،سج اڀرندو رهي
    .ڏينهن ٿيندو رهي
    ،گل کڙندا رهن
    .خوب ٽڙندا رهن
    ،سونهن وڌندي رهي
    ،سنڌ کلندي رهي
    ،جڳ جئندو رهي
    !۽ سدائين جيئي