.::Serwech Sujawali Poetry




Advertise Here!



سرويچ سجاولي
a

 AnythingSlider
    • جنت الفردوس آهن

    ،واهه واهه هي منهنجو وطن، چارئي ڪُنڊون جنهن جون چمن
    ،سَوَ سَوَ منجهس پوکون پچن، واهڻ وستيون جنهن جون وسن
    ،ماڻهون جتي جا محبتي، سورهيه سگهارا صحبتي
    ،سڀ مرد مايون محنتي، ۽ قول تن جا قيمتي
    ،ويهي رڳو واکاڻجن، ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون
    .جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

    ،جت جيڏڙيون جنسار ڪن، سَتَ سَتَ رنگا سينگار ڪن
    ،هٿ منهن ڌوئي هسهار ڪن، تان گس گهٽيون گلزار ڪن
    ،جلوا ٿا پسجن جو بجو، سُرهاڻيون پڻ سُو به سُو
    ،درشن ٿين جي دوبدو، ته ڄڻ ڪي حورون هُو بهُو
    .سبحانُه سبحانُه! سي سوڍيون مهراڻ جون

    ،سُرما وجهي ڏيئي ڦڻيون، پاڻي ڀرڻ لئه پدمڻيون
    ،گڏجو هلن پنج ست ڄڻيون، هيڏن ڪنڌن سان ڪامڻيون
    ،ڪِن کي نٿون، ڪِن وينڍڙا، سِرَ تي سموريون سينهڙا
    ،گجرين ڀريا پاڻي گهڙا، ڪِن ڪَڇ تي، ڪِن ٻيلهڙا
    .هو لاڏ مان لُڏنديون اچن ڏس لاڏليون مهراڻ جون

    ،جي ٻوليون جن جون ٻُرن، ٿا چنگ جر چالن چرن
    ،يا ساز ڪنهن تي هٿ سُرن، يا رُوح تان برفون ڀرن
    ،يا گيت پيو ڪو ڳائجي، يا وائي پئي ورجائجي
    ،يا لهر پئي ٽڪرائجي، يا ڪنوار پئي پرڻائجي
    .يا چيٽ ۾ چڻ ڀڻ ٿيون ڪن، ڪي چاڳليون مهراڻ جون

    ،ڳڀرو اُچن ڳاٽن سان جت، ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جت
    ،گهوٽيا گھمن گھاٽن سان جت، ۽ گھوٽ گھوٻاٽن سان جت
    ،اوڍيو گُھمن سي اجرڪون، ٽوپين تي موتي ۽ ٽڪون
    ،ڇا بت بدن جون بيهڪون، ٿا سونهن جون لاهن سڪون
    .اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين، اڪثر اميون مهراڻ جون

    ،جن جا جري ۽ جُواڻ پُٽَ، ڳاڙها جيها حُلواڻَ پُٽَ
    ،رانديون ڪُڏن رت ساڻ پُٽَ، "سرويچ" پُٽَ سرواڻ پُٽَ
    ،هڪ هڪ سنڌا هيڏا جگر، هڪ هڪ ڇڏي توڙي ٽڪر
    ،هڪ هڪ اٿيئي سيني سَپَر، هڪ هڪ ڪري ڇينهون ڇَپَر
    .هڪ هڪ سنڌي مستي ۾ ڏس، مستيون مهراڻ جون

    ،جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون
    .ويهي رُڳو واکاڻجن ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون
    • ڀلاڙي عشق

    ،ڀلاڙي عشق اڻ جهليا، هي تنهجيون ڏيهه ۾ ڏرڻيون
    .اهي سڀ ڪجهه ڪرائين ٿو، نه آهن جي ڪڏهن ڪرڻيون

    ،ڪڏهن سيجون ڇڏائين ٿو، ڪڏهن اُبتو ٽنگائين ٿو
    ،ڪڏهن ڏِس قابلن کي پيو هڻائين ڌوڙ ۾ ڌرڻيون

    ،ازل کان عشق جون اهڃاڻيون آهن اهي ئي ڏرڻيون
    .نڪو ٿو پيار پوڙهو ٿئي، نڪي ئي محبتون مرڻيون

    ،شغل ۽ شادمانا شوق تنهنجي جا لڳم اهڙا
    .پري خانن جي پڙ اندر پريون پِي ڄڻ ته ڪي پرڻيون

    ،هينئون ۽ هوش هر ڀيري ٿو تڙپي طور سينا لئه
    .حسينائون ته هت آهن، ڪڏهن حورون ڪڏهن هرڻيون

    ،دليون دم دم ٿيون دانهين سي، برهه جو بَک بنيون جيڪي
    .سڙيون سپرينءَ جي درشن ري، ڀلا آهن ڪڏهن ٺريون

    ،حسن جي هاڪ تي هرکيو وڃن "سرويچ" سوڍا سوَ
    .سريو سچ پچ وڃن سي ئي نه آهن جي ڪڏهن سرڻيون

    ،ڀلاڙي عشق اڻ جهليا، هي تنهجيون ڏيهه ۾ ڏرڻيون
    .اهي سڀ ڪجهه ڪرائين ٿو، نه آهن جي ڪڏهن ڪرڻيون
    • پُڪارون مون توکي


    • ،پُڪارون مون توکي ڪيون ڪيئن نه هونديون
      .اتي توکي هڏڪيون ٿيون ڪيئن نه هونديون

      ،هتي تو لئه آئون لُڇان ۽ پيو ڦٿڪان
      .اتي تنهنجيون ننڊون ڦِٽيون ڪيئن نه هونديون

      ،هتي رت تولئه روئان روز آئون
      .اتي تنهنجيون اکڙيون ڀنيون ڪيئن نه هونديون

      ،هتي ڪانگ تو لئه اڏاريان پيو آئون
      .اتي تو به فالون وڌيون ڪيئن نه هونديون

      ،لکيم خط جيڪي اوهان کي ادب مان
      .چُميون تو ته تِن کي ڏنيون ڪيئن نه هونديون

      ،ڳڻيو تنهنجيون ڳالهيون پيو "سرويچ" سڏڪي
      .دعائون تنهن تو لئه گهريون ڪيئن نه هونديون
    • سنڌ امڙ

    ،سنڌ امڙ تان سرڙا گهوري مانجهين ماڳ بچايا
    .مانجهين ماڳ بچايا ڪوپن ڪنڌ ڪپايا

    ،ننگر ڀونگر پُٽ اسانجا اسين هتي جا ڄايا
    .اسان ته سهڻي سنڌڙي خاطر ڪيهر پُٽ ڪپايا

    ،وڙهندي وڙهندي ويرين سان اڄ جوڌن جوش پسايا
    .ڪات ڪهاڙيون لوڙهين جا تن وهواهه مينهن وسايا

    ،سانن پاڏن وانگر پڙ ۾ ڄامن پير ڄمايا
    .گهٽيء گهٽيء ۾ رت وهائي سوڍن سانگ سجايا

    ،جُنگن ۽ جرنيلن جي لئه جابر جيل بنايا
    .سي سڀ هاٿين جهڙن ساٿين ٿڏن ساڻ اڏايا

    ،سرويچ" ڏس سريون ڏئي پنهنجا ڀال ڀلايا"
    .سي ڪيئن هٽندا پڙ تان جيڪي ٻاگهين ٻار ڄڻيا
    • اچ ته ڪنهن اهڙي طرف

    ،اچ ته ڪنهن اهڙي طرف، اي ناز ور نڪري هلون
    .جت نه پهرا پيار تي، جت نه جذبن تي جهلون

    ،جت نه چاهت تي چڪاسيون، چوڪسيون ۽ چئون پڇو
    .جت نه دل کي دل کان ٽوڙڻ جون ڪري ڪو اٽڪلون

    ،جت نه روحاني رهاڻين تي هجي ڪا روڪ رنڊ
    .جت هجن پنهنجون متل موضوع به موضوع محفلون

    ،جت نه تنهجي منهنجي وچ ۾، ڪو هجي ويٺل وچيون
    .جو جدائي جون جڙيل دلين کي پاڙهي جدولون

    ،جت نه معصوم منن جون مرضيون ماريون وڃن
    .جت وتن بي خوف گھمندا مينڌرا ۽ موملون

    ،مهل بي مهليون ملاقتون جتي هر مُنڌ ۾
    .جت نه پنهنجي ميل ميلاپن جون وٺجن موڪلون

    ،جت هجي ممڪن مڙوئي نانءَ نه ناممڪن سندو
    .پاڻ ٻئي ٻاريون ڪي ويهي محبتن جون مشعلون

    ،جت نه سڪ وندن مٿي "سرويچ" سوري جي سزا
    .اُت هلي معراج واريون ماڻيون ڪي منزلون
    • خزانا کيٽ مان نڪتا

    ،ڀلن جي ڀيٽ لئه نڪتس ته آئين ڀيٽ مان نڪتا
    .خوشيِءَ جا ڄڻ منهنجي جيءَ لئه خزانا کيٽ مان نڪتا

    ،ڇپر کڻندي نظر جڏهن مُبارڪ منهن مٿي پيم
    .تي لشڪر سڄڻ چنڊن جا چمڪي چيٽ مان نڪتا

    ،جڙاءُ ۽ جوڙ جڪ جڏهن ڏٺم تنهنجي ته ڏندن جي
    .ته سمجهيم ڪي سچا موتي سپن جي پيٽ مان نڪتا

    ،اچي اچرج ۾ ويا ماڻهون ته آيو ڪير آهي هيءَ
    .اچڻ جنهن جي جا احوالا اها اپٻيٽ مان نڪتا

    ،صديون "سرويچ" گذرن ته به سخن تنهنجا سدا جيئرا
    .مٽي جي مهڪ مان مهڪي ۽ رڱجي ريٽ مان نڪتا
    • سڪي سڪي جي ملنداسين

    ،سڪي سڪي جي ملنداسين پوءِ مور نه ماڳهين ڇڄنداسين
    .اکيون اکين ۾ اٽڪايو هڪ ٻئي کي پيا ڏسنداسين

    ،چيٽن وارن چوءَ ماسن ۾ چونگاري ڪي گيت غزل
    .پيار ۾ بلڪل پورهيت بڻجي ڪڻڪون ڄانڀا لُڻنداسين

    ،ماڃر، ميرانپور ۽ مڪلي مياڻي جا ميدان پسي
    .ڪارونجهر ۽ ڪيٽي بندر ڪينجهر منڇر گھمهداسين

    ،مينهن واري موسم ۾ ٻئي مستي ۾ ٿي مستو مست
    .گوني توڙي پيڃاري جي پاڻي ۾ پيا ترنداسين

    ،سنڌ سڄي جي ڳوٺن توڙي پوٺن پڊن شهرن ۾
    .راتيون ڏينهن ۽ هفتا مهينا سال سڄا پيا ٽڪنداسين

    ،سنگت ۾ "سرويچ" سڏائي، پيچ مٽي سان پڪا پائي
    .ڌرتي پنهنجي او! دلبر، ٻاڙي ٻاڙي چمنداسين
    • گھوٽ گھمندي مون ڏٺا

    ،گھور سان گھر اڳيان، اڄ گھوٽ گھمندي مون ڏٺا
    .پير پرين جا پَرين حورن کي چمندي مون ڏٺا

    ،صحن ۾ جنهن وقت ويهي هُن سنواري سيڌ تان
    .سَوَ ڀڄي سورج ويا، لک چنڊ لڪندي مون ڏٺا

    ،ويل وچين ويس پائي جان وڌئين وهسي وکون
    .شرم ۾ ان مهل ڪيئي مور مرندي مون ڏٺا

    ،ڪوڏ مان جنهن مهل ڪامل ڪر کنئي منهنجي قريب
    .ڪيترين ڪُونجن جا ان دم ڪنڌ ڪرندي مون ڏٺا

    ،جنهن هنڌان لالڻ لنگھيو هو ڏيئي پارس پاڪ پير
    .زاهدن جا ان زمين تي نرڙ گسندي مون ڏٺا

    ،رخ مٿان جنهن وقت رانجهن هو ڪيو پردو پري
    .ميڻ جيئن ماڻڪ مڻين مرجان ڳرندي مون ڏٺا

    ،منجهه ثنا ساجن سندي "سرويچ" هڪڙو ڇا مگر
    .شوق مان شاعر گھڻا ئي شعر لکندي مون ڏٺا